طبقات ناصري

طبقات ناصري

طبقات ناصري

طبقات ناصري (ڪتاب): طبقات جي سلسلي جو اهم ڪتاب، التمش جي پٽ سلطان ناصر الدين محمود جي نالي منسوب هيءُ ڪتاب ابو عمر منهاج سراج الدين جوزجاني جي تاليف آهي. جيڪو هن 1269ع ۾ لکي پورو ڪيو. هيءُ ڪتاب هندستان جي سلاطين (بادشاهن) جي تاريخ آهي، جنهن ۾ غزنوين ۽ مغلن جي دور جا اهم واقعا به شامل ڪيا ويا آهن. هن ڪتاب جو ڳاڻيٽو انهن ڪتابن ۾ ڪيو وڃي ٿو، جيڪي غوري، غزنوي، خوارزم شاهي ۽ تاتاري حڪمرنن جي بهترين تاريخ سمجهيا وڃن ٿا.


لفظ طبقات ناصريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو